اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? ۽ ??المي مالياتي ادارن جي سربراهن کي اپ??ل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذ??ر ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو م??اب??و ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.