اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي ح??صل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ح??صل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام مستقبل ??ي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.