اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي ??يان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي جي خبر ??ڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي ويٺا آهيون. مظهر علي پنهنجي فني صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر علي جي لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.