اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سمورين ضروري سهولتن جي فر??همي يقيني بڻائينداسين، صنعتڪارن ۽ واپارين کي سي??ز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ جي ناليواري برآمد ڪندڙن صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي حڪومتي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري برآمد ڪندڙن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. برآمد ڪندڙن جي وفد صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ان کي صنعتي ۽ برآمدي شعبي جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وفد حڪومتي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد جو چوڻ ه?? ته ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙن ۽ ٽيڪس چورن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته برآمدات ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چي?? ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن برآمدي شعبو ??يز ۽ پائيدار ترقي طرف وڌندو. هن وڌي?? چي?? ته برآمد ڪندڙ احترام لائق آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ ه?? ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سموريون سهولتون فر??هم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چي?? ته اسان کي اڄ اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هجن. هن چي?? ته برآمدات ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائينداسين. سندس چوڻ ه?? ته صنعتڪارن ۽ واپارين کي سي??ز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن لاڳاپيل عملدارن کي تاڪيد ڪئي ته ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم جو چوڻ ه?? ته دستياب وسيلن جي اندر رهندي واپارين ۽ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت فر??هم ڪئي ويندي. وزيراعظم برآمد ڪندڙن جي سمورن مسئلن جي فوري حل جي حوالي سان وفاقي وزيرن کي وفد سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.