راولپنڊي – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي چين جي دوري تي تنقيد ڪئي، بدقسمتي سان انهن کي گڏيل ۽ گهڻ رخي دورن جي هيجي تائين خبر نه آهي ۽ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن، عمران خان جي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي، مخالف ڌر ڪالهه ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن، ناڪامي انهن جو مقدر آهي، ڪالهه جي محفل ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به ان محفل ۾ شامل ٿي ۽ هم پانڇ جي سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي، مخالف ڌر 5 فيبروري کي ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ڊڪليئر ڪيو، انهن کي تمام جلد وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي، بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ م??رچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ م??ڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن، وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب رهيو، ان دوري جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪ??تا?? ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪ??تا?? جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. چين جي دوري تان وطن واپسي تي نور خان ايئر بيس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو چين جو دورو انتهائ?? ڪامياب رهيو، جيڪا محبت ۽ گرمجوشي چين جي قيادت ۽ عوام پاڪ??تا?? جي لاءِ ڏيکاري آهي اها بي مثال هئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ان دوري تي اجائي تنقيد ڪئي، اهڙن ماڻهن کي گڏيل دورن ۽ گهڻ رخي دورن جي هيجي تائين نه ٿي اچي بدقسمتي سان اڄ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن. هن چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه چين ۾ آيل هئا، جهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو ويو اهڙي طرح ٻين ملڪي سربراهن جو به استقبال ٿيو. هن چيو ته سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ چين جي ماڻهن پاڪ??تا?? ٽيم جي لاءِ جيڪا محبت ڏيکاري اها شايد ئي ڪنهن ٻي ٽيم جي لاءِ ڏيکاري وئي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سرمائي راندين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڏا آهن، هتي سرمائي راندين جي لاءِ موقعا موجود آهن. هن چيو ته چين به سرمائي راندين ۾ اسان جي مدد ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري تي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي، گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ محفل ٿي جنهن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به اتي پهچي وئي ۽ هم پانڇ جي ڊراما سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌجي رهيون هيون، انهن جي چيخن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو جڏهن ته مخالف ڌر ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهايو. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي چورين تي پڙدو وجهڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، اهي علائقائي پارٽيون آهن، قومي سياست ۾ انهن جو ڪو ڪردار نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ م??رچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ م??ڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن. هن چيو ته مخالف ڌر 13 هون ڀيرو لانگ مارچ ج?? ڪال ڏني آهي، ج??هن اهي پٺتي مُڙي ڏسن ٿا ته خبر پوي ٿي ته ڊرائيور ۽ گارڊز کانسواءِ ڪو ٻيو شخص لانگ مارچ ۾ موجود ئي ناهي هوندو. هن چيو ته هن ڀيري اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي ڪجهه ماڻهو به فراهم ڪيون ته جيئن انهن کي لانگ مارچ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي شهباز شريف جي گهر وڃي پنهنجو سرنڊر ڊاڪيومينٽ سائن ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پنجاب ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو، اهڙي طرح شريف فيملي فيصلو ڪيو آهي ته انهن جو سنڌ ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو. هن چيو ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن جي مستقبل جي سياست ڪيتري قدر اونداهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس ۾ پئسن ۽ شهباز شريف جي ٻين اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آيا ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاڻ ۾ محبت وڌي وئي آهي. هن چيو ته شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس مان ٿيندڙ مني لانڊرنگ ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويو جيڪو زرداري اومني گروپ جي ذريعي اختيار ڪيو هو، ج??هن چوري جا سمورا راز هڪ جهڙا هوندا ته انهن جون ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته عمران خان ۽ پ??ڪ??تا?? کي الله تعاليٰ عزت ڏني آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪ??تا?? جي معاشي صورتحال ۽ سڌارن جي عمل کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي چين ج?? ڪامياب دوري تي تڪليف آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت رهي ته انهن جي چوري جا پئسا ٻاهر نه رهي سگهندا، انهن جي تڪليف سامهون نظر ايندي، اهي پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو چين جو دورو انتهائ?? ڪامياب رهيو، ان جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪ??تا?? ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪ??تا?? جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي ازبڪ??تا?? جي صدر سان به ملاقات ٿي آهي، ازبڪ??تا?? جو صدر مارچ ۾ پاڪ??تا?? جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به سازش عمران خان جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، ڪالهه مخالف ڌر ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن ناڪامي انهن جو مقدر رهندي. هن چيو ته مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت ثابت نه ڪري سگهي، قومي اسيمبلي ۾ اهي تمام گهڻو پٺتي آهن، اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، انهن جي حالت پتلي آهي، انهن کي وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته چين جي دوري تي ايم ايل ون منصوبي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، چانور جي روانگي واپار سميت سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري قائم ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مجموعي طور تي 21 ڪلسٽرز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي هڪ پيج بُڪ تيار ڪري ڏنو آهي، ان تي سيڪٽورل فريم ورڪ بڻجي ويو آهي، انشاءَ الله ان تي تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاران پاڪ??تا?? مان هڪ ملين ٽن چانور ۽ سيمنٽ ڪنڪر جي خريداري سان پاڪ??تا?? کي هڪ ارب ڊالر واپار ذريعي حاصل ٿي سگهن ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته گوادر پورٽ تيار ٿي، ان کانپوءِ رستا تيار ٿيا، پاور پراجيڪٽ ٺاهيا ويا، هاڻي جيڪا ڪنيڪٽيويٽي تيار ڪئي آهي ان جي ساڄي کاٻي انڊسٽريون لڳڻيون آهن جيڪو هڪ مشڪل ۽ ڊگهو مرحلو آهي. هن چيو ته چين کي پاڪ??تا?? جي قيادت ۽ پ??ڪ??تا?? جي قيادت کي چين تي مڪمل اعتماد آهي، ٻنهي طرفن کان نجي شعبي کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.