اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي ح?? جي ضمانت ڏني وئي آهي، والاريل ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي والاريل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀارتي آئي?? کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي سلس??ي ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙ?? کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سميت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ري??ي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻه?? کي انهن جي خواهش موجب خودمختياري جي ح?? جي حوالي سان ڪيل واعد?? کي مڪمل ڪري. هن چيو ته آزادي جي صدائ?? کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ڪري رکيو آهي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد ۽ مسلسل ڀارتي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آواز?? کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. جڏهن والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻه?? کي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ??ني?? کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي واعدن جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميرين جي قرباني?? کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪشميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ??ئي رهي آهي.