اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صح?? جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهار?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صح?? جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳا??هه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قياد?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صح?? جي نظام ۾ بيمارين جي تدار?? جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صح?? جي نظام ۾ بيمارين جي تدار?? جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صح?? جي نظام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثا??و آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي مل?? جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.