اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع ايگريڪلچر انفارميشن پلان ٺاهيو ۽ ان کي ترجيح بنيادن تي لاڳو ڪري رهي آهي، اسان جي حڪومت جو ڌيان برآمدي صنعتن جي قيام لا??ِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ترجيحي شعبن تي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته زراعت جي شعبي جي ميڪانائيزيشن، معياري ??ج جي فراهمي، پاڻي جو موثر انتظام ۽ لا??يو اسٽاڪ فارمنگ ۾ آبادگارن جي مدد ان کي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري ??عاشي شعبي ۾ تبديل ڪري رهي آهي، ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرائڻ، ڀاڻ تي سبسڊي ۽ مال جي نسل جي بهتري سان گڏ حڪومت جو مقصد گذريل سال جي رڪارڊ پيداوار جي مقابلي ۾ هن سال اڃان به وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ آهي، هن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ غ??ر ملڪي سيڙپڪارن جي وڌندڙ سيڙپڪاري ان اعتماد جو نتيجو آهي، جيڪا حڪومت پنهنجي موثر پاليسي قدمن سان حاصل ڪيو آهي. اجلاس ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي ايگريڪلچر ٽرانسفارنيشن پلان تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته معياري ??ج جي فراهمي لا??ِ منظوري کانپوءِ فنڊن جي فراهمي جو عمل تيزي سان جاري آهي، چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ جنياتي بهتري ??اءِ سيمن جي درآمد جي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، مال پاليندڙ ڀاڳين جي مدد لا??ِ پنجاب ۾ 9211 سروس بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ به جلد بحال ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال ۾ مدد جو منصوبو به تقريبن مڪمل آهي ۽ مشينري ??رهائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ??يندو، مشينري جي استعمال سان نه رڳو في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن جي في ايڪڙ مجموعي لاڳت ۾ به گهٽتائي ايندي، زرعي مدد لا??ِ انفارميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جو نظام به پڄاڻي جي ويجهو آهي جنهن تحت آبادگارن ۾ آگاهي پکيڙي ۾ به مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لا??ِ تحقيقي ادارن ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو لاڳو به تيزي سان جاري آهي، ان ڳالهه لا??ِ چين جي ايگريڪلچر ريسرچ اڪيڊمي جي تعاون سان زرعي جدتون متعارف ڪرايون وينديون وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ??يو ته زرعي تحقيق ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي ۽ درآمدي فصلن جي تعارف ۽ پيداوار تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو ??ڃي، جهينگي جي فارمنگ لا??ِ پنجاب ۽ بلوچسان ۾ هيچريز قائم ڪيون ويون آهن جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ??يندو. زيتون جي 20 هزار ايڪڙ تي پوکي لا??ِ ٻوٽن جي درآمد شروع ڪئي وئي آهي، وزيراعظم کي يوريا ۽ ڊي اي پي جي ذخيرن اندوزن ۽ ناجائز منافع خورن جي خلاف آپريشن ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لا??ِ قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۽ ڀاڻ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ??يو ته ملڪ ۾ هن وقت ننڍا وڏا 21 اڪنامڪ زونز فعال آهن، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي، ڌاٻيجي ۽ بوستان چار وڏا اڪنامڪ زونز آهن، سيڙپڪار بورڊ پاران ون اسٽاپ شاپ ماڊل تيار آهي جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ??يندو، ون اسٽاپ شاپ سيڙپڪارن کي بجلي، گئس پاڻي ۽ تعميراتي پرمنٽ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن مان منظورين لا??ِ هڪ گڏيل ڪمپلائينس رجيم به بڻايو ??يو آهي، اجلاس ۾ اين او سي ۽ مپلائنس جي منظوري ??اءِ مينيجمينٽ ڪمپنيز جي تجويز به پيش ڪئي وئي، وزيراعظم قدمن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.