اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نادرا (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس و??گ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 تحت جاري ڪيو آه??، آرڊيننس سان نادرا آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آه??. ترميمي آرڊيننس تحت سموريون ايجنسيون نادرا کي فورن ڊيٽا مهيا ڪرڻ جون پابند هونديون ۽ ڊيٽا مهيا نه ڪرڻ کي بي ضابطگي تصور ڪيو ويندو جڏهن ته لاڳاپيل قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.