اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن ??ان هم آهنگ ڪرڻ ا??ان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي ملازمن جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اداري جي بهتري جو دارومدار ملازمن جي بهتر ڪارڪردگي تي آهي، ادارو خوشحال ٿيندو ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چيو ??ه پي ٽي وي جي ملازمن جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي وڌڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ??ه پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ملازمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي جڏهن ته سمورن ملازمن کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن چيو ??ه پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي ??ان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پي ٽي وي نيوز کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، پي ٽي ??ي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ??ه پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ا??ان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هو پي ٽي وي جي ملازمن ??ان گڏ بيٺل آهي، ملازمن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ ا??ان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ??ه پي ٽي وي قومي اثاثو آهي، وقت ??ان گڏوگڏ پي ٽي وي کي وڌيڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. ملاقات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي اي جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جنرل سيڪريٽري چوڌري فاروق احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي اورنگزيب، سينيئر وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سليم شاهه، ايسوسيئيٽ جنرل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي وي نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.