اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعب?? ۾ ??طرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستا?? ۾ ??قرر جاپان جي سفير ڪونينو??ي ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعب?? ۾ ??طرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعب?? ۾ ??طرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپاني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ?? هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چيو ته پاڪستا?? ۾ ??وڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ??لتا?? ۾ ??اڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ جاپان جي و?? ۾ ??طرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.