اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو مقصد قي??تن ۾ اضافي جو بار گهٽ کان گهٽ عوام تائين منتقل ڪرڻ ??هي، سمورن قدمن جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ??هي. هو ناڻي واري وفا??ي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ ??ون هدايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار جلاس اربع ڏينهن وفا??ي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ سين جي قي??تن جو جائزو ورتو ويو. قي??تن کي ڪيئن عوام جي پهچ تائين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿيندي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي عام ۽ محدود وسيلن وارن ماڻهن جو احساس آهي، موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو محور ۽ مرڪز عام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون معمول تي نه آهن، پوري دنيا کي قي??تن ۾ اضافو درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار اضافو ٿيو آهي.