اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وزي??اع??م بينظير ڀٽ?? هڪ دهشتگرد حم??ي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي س??هون، وزي??اع??م طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزي??اع??م عمران خان چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي س??هي ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي س??هي ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزي??اع??م چيو ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي س??هي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري س??هجي. وزي??اع??م عمران خان چيو ته افغانستان جي اها تاريخ رهي آهي ته ان کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري س??هجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي س??هي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي س??هي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي س??هي ٿو، وزي??اع??م چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزي??اع??م بينظير ڀٽ?? هڪ دهشتگرد حم??ي ۾ فوت ٿي، وزي??اع??م چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزي??اع??م پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزي??اع??م چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي س??هون، وزوي??اع??م طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.