اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آن لائين ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ آسانيون پيدا ڪري اسان نه رڳو اعليٰ تعليم کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر مارڪيٽ جي طلب ۽ پهچ جي ضرورتن جي ڏس م تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعيلمي جو نظام خواب ??ورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ت?? اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي پر تعليمي معيار ۾ بهتري وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري سان گڏوگڏ نصابي مو??د تي معيار جو دارومدار آهي. هن چيو ت?? حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، احساس پروگرام ۾ تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا رکيا ويا آهن، حڪومت ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏئي آهي ته جڏهن ته تعليمي ادارن پاران پڻ شاگردن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن. هن چيو ت?? ڪورونا دوران آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رهيو، آن لائين تعليمي نظام کي فروغ ڏئي تعليمي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي ڇو ت?? ان تدريس جي طريقي سان فزيڪل اسٽرڪچر جو گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيندو جڏهن ته تعليمي مو??د به آن لائين دستياب ??وندو. صدر چيو ت?? ورچوئل تعليمي نظام جديد دور جي ضرورت آهي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ تعليمي خرچن سان معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ت?? مو??وده دور مو??ب نصاب ??تعارف ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورتن مو??ب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ت?? ماضي ۾ انجنيئرز، ڊاڪٽرز ۽ پيشيور ماهر نوڪرين جي ڳولا ۾ ٻاهرئين ملڪ ويندا هئا پر ??اڻ?? ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا مو??ود آهن، پاڪستان جا هنرمند ماڻهو ملڪ ۾ مو??ود موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ت?? آءِ ٽي جي شعبي ۾ روزگار جا وسيع موقعا مو??ود آهن. صدر چيو ت?? خطي ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان پاڪستان اڃا پٺتي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ تعليم جو بنيا??ي ڪردار آهي. هن چيو ت?? تعليم جي فروغ ۽ معيار جي بهتري ۾ نصابي مو??د ۽ استادن جي پڙهائڻ جو انداز انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ۾ وزن هجي ته ماڻهو ان تي يقين ڪن ٿا، انساني لاڳاپن جو بنياد به ڪميونيڪشن تي آهي، قومن ۽ خاندانن ۾ به رابطي ۾ ڪميونيڪشن جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ت?? يونيورسٽين جي استادن کي ميرٽ تي اهي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، يونيورسٽين ۾ تعليم جي معياري فراهمي ۽ تعليم تائين پهچ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ت?? يونيورسٽيون قائم ڪرن سان گڏوگڏ فيڪلٽي ڊيولپمينٽ تي ڌيان ڏيڻ جي صرورت آهي، يونيورسٽين ۾ تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن جي وچ ۾ رابطا هجڻ گهرجن. صدر ڊاڪٽر تسليم انصر آغا خان يونيورسٽي، ڊاڪٽر محمد واصف اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي زرعي يونيورسٽي ملتان کي بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع ڏنو.