اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي ??ي) محفوظ زمين ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي زرعي، معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ بينادي اهميت رکندي آهي. صحيح معلومات ۽ فوري مستند رڪارڊ جي دستيابي صرف معاشري جي ماڻهن لاءِ محفوظ زمين ۽ جائيداد جي حقن کي آ??ان حاصل ڪرڻ جو ذريعو پر قومي منصوبابندي، ترقي ۽ انتظامي سرگرمي کي انجام ڏيڻ لاءِ به اڻٽر آ??ي جڏهن ته ان ??ان عدالتن تي ڪيسن جي بار ۾ به چڱي خاصي گهٽتائي ??ان گڏوگڏ ماڻهن جا ڪيسن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به گهٽتائي ٿيندي.
بدقسمتي ??ان 22 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ ۾ لاڳو پراڻي ۽ ناڪاره نظام جي ڪري ڪنهن زمين جي ملڪيت جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار وڏو ڏکيو آهي،
لينڊ انفارميشن سسٽم زمين جي رجسٽرن جي روايتي نظام تي ٻڌل آهي ۽ اهڙو رڪارڊ ڏکيو هجڻ ??ان گڏوگڏ گهڻو پراڻو آهي ۽ ان نظام ۾ موجود معلومات به ناڪافي آهي. زمين جي هڪ ماڻهو جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن مختيارڪار جي آفيس جا چڪر ڪٽڻا پوندا آهن. ان جو بنيادي سبب ماڻهن ۾ قانوني معاملن کان لاعلمي، ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ ڪجهه بدعنوان سياسي ۽ سماجي ماڻهن جو اثر رسوخ ??ان جڏهن ته مسئلا زمين جي ورهاست ۾ اڻبرابري، دوکو، تڪرار، رجسٽريشن، وڪري ۽ منتقلي جي نظام ??ان واڳيل عدم تحفظ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن جي ڪري ان سيڪٽر ۾ ڏسڻ جهڙي ترقي نه ٿي سگهي. انهن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن ۾ بهتري جي لاءِ قانوني سڌارا ۽ زمين جي محفوظ رڪارڊ لاءِ جديد ڪمپيوٽرائزڊ طريقو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت هئي.
لينڊ رڪارڊ ۾ سڌارن جي لاءِ ڪمپيوٽرائزيشن هڪ بنيادي عنصر آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي عوام تائين رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي پهچ آ??ان ٿي ويندي آ??ي جنهن ??ان نه رڳو ڪرپشن ۽ تڪرارن جو خاتمو ممڪن ٿي ويندو آهي پر ڪارڪردگي ۾ به اضافو ممڪن ٿي ويندو آهي.
انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي 2013ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي تعاون ??ان پنجاب صوبي جي 145 تعلقن ۾ لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزيشن پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو تنهن هوندي به ان کان اڳ گذريل حڪومتن باوجود ان اهم شعبي تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت ان منصوبي کي اهميت ڏني ۽ پنجاب حڪومت وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي قيادت ۾ پنجاب لينڊ رڪرڊ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (پي ايل آر ايم آءِ ايس) جو آغاز ڪيو جيڪو حڪومت پاران هڪ انقلابي قدم آهي ان ??ان نه رڳو ڪرپشن پر مختيار ڪاري نظام جي روايتي خرابين جو به خاتمو ممڪن ٿي سگهندو.
اهڙي طرح پنجاب حڪومت جي هدايتن تي پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي عوام جي سهولت لاءِ موبائيل ايپ ”ڊجيٽل – پي ايل آر اي“ به جاري ڪئي آ??ي جنهن جي ذريعي زمين ۽ رجسٽري جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. اها ايپ گوگل پلي اسٽور تي به دستياب آ??ي جنهن کي آساني ??ان موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري مخصوص زمين جو رڪارڊ، رجسٽري ڊيٽا، ٽيڪس بابت معلومات ۽ فيس شيڊول ڏسي سگهجي ٿو. ان ??ان گڏوگڏ اها ايپ پنهنجي پسند جي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. وزيراعظم عمران خان به بار بار ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ته ماڻهن جي رهائشي ضرورتن جي جائزي لاءِ زمين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آ??ي جڏهن ته ڊجيٽل زمين جي رڪارڊ جي دستيابي ??ان لينڊ مافيا جو خاتمو ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ترقي ملندي. زمين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ جو بنيادي مقصد پراپرٽي مالڪن جي هڪ تفصيلي فهرست جي دستيابي، عام ماڻهو لاءِ معلومات تائين پهچ کي آ??ان بڻائڻ، زميني حقن کي محفوظ بڻائڻ، تڪرارن جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي بهتر ماحول جي فراهمي، انگن اکرن ۽ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ شفاف ۽ بدعنواني کان پاڪ بڻائڻ شامل آهي.
پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل معظم اقبال سپرا موجب اٿارٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ لينڊ رڪارڊ ڊجيٽلائزيشن لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ماڻهن جي سهولت لاءِ گذريل هڪ سال ۾ لينڊ رڪارڊ سينٽرز جي تعداد ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، 246 اسپيشل لينڊ سينٽرز کانسواءِ سيٽلائيٽ سينٽر ۽ ٻين ادارن جي تعاون ??ان 5 هزار کان وڌيڪ ننڍي پئماني تي قائم ڪيل سينٽرز تي لينڊ رڪارڊ سروسز عام ماڻهن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب سال 19 -2018ع ۾ 17 ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جڏهن ته 5 ملين ماڻهن پنجاب ۾ 152 زمين سينٽرز مان سهولتون حاصل ڪيون، گذريل مالي سال 2020 -2021ع ۾ 40 لک کان وڌيڪ درخواستگذارن کي رڪارڊ سروسز فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ 1.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي جائيداد جي منتقلي جون خدمتون فراهم ڪيون ويون.
ترجمان موجب پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي قومي خزاني ۾ 12 ارب روپيا جمع ڪرايا، اهڙي طرح لينڊ رڪارڊ سينٽر مان ڪل آمدني 22 ارب روپين کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اها گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ 37 سيڪڙو اضافو آ??ي جيڪو لينڊ رڪارڊ سينٽرز مان خدمتن جي فراهمي تي عوامي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ”لينڊ ٽرانسفر اينڊ مينيجمينٽ“ تحت سرڪاري خزاني ۾ 7456 ملين روپيا جمع ڪرايا آهن، روينيو ۾ اضافو لينڊ رڪارڊ سسٽم ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ان ممڪن ٿيو آهي، اٿارٽي ٻه سال اڳ تعلقي جي سطح تي زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ شروع ڪيو،
شروعاتي طور تي 152 لينڊ رڪارڊ سينٽرز کي سهولت فراهم ڪئي وئي، هاڻي انهن سهولتن جو دائره ڪار کي 5000 کان وڌيڪ مرڪزن تائين وڌايوو يو آهي، ان م??ن 60 قانون گوئي سيٽلائيٽ سينٽرز، 2800 کان وڌيڪ نادرا اي سهولت مرڪز، 10 اي سروسز سينٽرز ۽ 28 ڪمرشل بئنڪ شامل آهن.
ترجمان موجب پاڻمردي نظام کي عالمي معيار موجب آڻڻ لاءِ جديد قدم به کنيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ لينڊ رڪارڊ سروسز جلد ئي آمريڪا، برطانيه، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ شروع ڪئي ويندي. هن وقت تائين 65 هزار ماڻهن کي آن لائن فرڊ سسٽم جي ذريعي سهولت فراهم ڪئي وئي آ??ي جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ، جاز ڪيش ۽ آ??ان پئسن جي ذريعي آن لائين ادائيگي جو نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هلندڙ مالي سال 2021ع ۾ زمين جي منتقلي جي حوالي ??ان مجموعي طور تي 7.45 ارب روپيا خزاني ۾ جمع ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سرڪاري ملڪن جي تحفظ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن،
پنجاب لينڊ روينيو اٿارٽي جي سمورن قدمن جو مقصد اي گورننس جي فروغ، لينڊ رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن ۽ اٿارٽي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي ذريعي ماڻهن کي آ??ان خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي ??ان وزيراعظم عمران خان تازو ئي سروي آف پاڪستان کي لينڊ ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ به سونپيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور سٽي ۽ اسلام آباد لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم جاري آهي، ذريعن موجب لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مال کاتي جي رڪارڊ، سيٽلائيٽ اميجري ۽ فيلڊ سروي جي مدد ورتي پئي وڃي، اميد آهي ته ان منصوبي تي اڳڀرائي زمين بابت رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جل پڄاڻي تي پهچندو ۽ لاڳاپيل مسئلن جي حل ۾ تمام گهڻي مدد ملندي.