اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سي پيڪ اٿار??ي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه، وزيراعظم جو ??وجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد، اطلاع??ت واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ عمرانه وزير ۽ ايف بي آر جا عملدار به موجود هئا. وفد جي قيادت ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين جرجيس سيجا ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ شيخ امجد رشيد، سنتيش آنند، چوڌري ڪامران، فضا علي مرزا، عرفان ملڪ ۽ بدر اقبال به شامل هئا، ملاقات دوران ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار فلم پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وئي، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ فلم شع??ي جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستاني فلمن جي ايڪسپورٽ جي ڀرپور حوصله افزائي لاءِ پرعزم آهي، ان ڏس ۾ سعودي عرب ۽ چين سان تعاون ۽ سهڪار فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ايڪسپورٽ جي حوالي سان فلم پروڊيوسرز پنهنجي ايسوسيئيشن ۾ ٻه فوڪل گروپ جوڙين، هڪ فوڪل گروپ نار ملڪن ۽ ٻيو چين تي ڌيان ڏئي، وفاقي وزير چيو ته فلمون تفريح جو ??قبول ذريعو هجڻ کانسواءِ تعليم ۽ شعور بيدار ڪرڻ جو به موثر ڄاڻ جو ??ن مڃيون وينديون آهن، اسان کي فلمي صنعت جي تنزلي کي ترقي جي سفر ۾ بدلائڻو آهي، هن چيو ته مثبت سوچ ۽ رجحانن، روشن خيالن جي واڌ ويجهه ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ فعال فلمي صنعت وقت جي اهم ضرورت آهي، فلمون ملڪي ثقافت، تاريخ، قدر، ورثي ۽ اسڪرين ٽوئرازم اجاگر ڪرڻ جو به اهم ذريعو آهن.