اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏ??ن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿي??ن آهن جيڪي گذريل سال جي انهي ع??صي جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن.