اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي ??ظا?? کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي ??ظا?? ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس ??ظا?? اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو و??پار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي ??ظا?? کي آسان بڻائڻ ۽ ??ظا?? ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.