اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باب??ءِ قوم ق??ئد??عظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ق??ئد??عظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ ل??ءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. ق??ئد??عظم محمد علي جناح جي ي??م ول??دت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باب??ءِ قوم ق??ئد??عظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. ق??ئد??عظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن ل??ءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باب??ءِ قوم جو يوم ول??دت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، قوم جي حيثيت سان اسان جي ل??ءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب ق??ئد??عظم محمد علي جناح سان ڀرپ??ر محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.