ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان ??وم??ن ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترق?? نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻه?? جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙي?? جي اسڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتا?? جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپي?? جي ماليت سا?? جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.