اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور ۽ غربت جي شڪار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميداري ۽ اولين ترجيح آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ??بس??ي جي نظام کي موثر، شفاف ۽ هدفن موجب بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ??ه سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم جو بهترين استعمال ٿئي. هو هتي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ضروري شين جي مد ۾ حڪومتي ??بس??ي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ موثر ??ڻا??ڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.