اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وبائي مرضن ۾ اضافي کي روڪڻ جي حوالي سان عوامي بيداري مهم کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ?? ڪورونا وائرس جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي شعور جي بيداري جي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ?? اجلاس ۾ ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته ملڪ ?? ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ ۾ واضح طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر عام طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جي معاملي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، عوامي جاين تي ماسڪ ۽ سماجي فاصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان وقت سر قدم کنيا وڃن. موذي بيماري پوري طرح سان ختم ??اه?? ٿي ۽ ان ب??ماري جي حوالي سان ٺوس ايس او پيز تي عمدلرآمد ڪري ئي ان کان بچي سگهجي ٿو. جون جي وچ ڌاري جڏهن ڪوورنا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي ويو ۽ اسپتالن تي بار وڌي ويو ته حڪومت اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ?? 2150 آڪسيجن ب??ڊز کي 31 جولاءِ تائين شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم شروع ڪيا. جڏهن ته اين سي او سي جي خصوصي ٽيمن جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي دورن جي نتيجي ۾ 2850 آڪسيجن ب??ڊز کي شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي جامعو پارائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي.