اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي م??ڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عو??م کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عو??م کي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يق??ني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زم??ني حقيقتن خاص طور تي م??اشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي م??ئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عو??مي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.