اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عال??ي وبا جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ عالم سڳورن جو آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پ??ران جاري بيان موجب اها ڳالهه هن نا??يو??ري مذهبي اسڪالر مفتي محمد نعيم سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مفتي محمد نعيم مسجدن ۾ نماز ۽ تراويح نماز ادا ڪرڻ بابت صدر جي قيادت ۾ 20 نقاطي فيصلي تي مبارڪباد ڏني.