اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضرو??ي شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃ??، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا فيصلا اتفاق ??اء?? سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃ??. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس ??پورٽ ٿيا هئا.