اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل ??ي مرض واري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي ??ي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت ??ي مسيحا سفيد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ ??ي معاشرتي نظام ۾ بهتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جو??ين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ??ي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ حڪومت ??ي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.