اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئ?? آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن ع??ائقن، گلگت – بلتستان ۾ جزوي طور موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي هلڪي ??رس??ت ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته سنڌ ۾ گرم رهي ۽ اپر خيبر پختونخوا، ??لگت – بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ??رس??ت ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد شهيد بينظير آباد ۾ 41 ۽ مٺ?? ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.