اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو دشمن جي ارا??ن کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن آهي، 6 سيپٽمبر تي دشمن ملڪ جي فوج ??المي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي آڌي رات جو پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو، پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج آ??و شيهي جي ديوار ثابت ٿي ۽ دشمن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارا??ن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽري موجب پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي فوج ??نيا جي بهادر، جرئتمند ۽ مضبوط ترين فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ جي عالمي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پوري قوم کي پنهنجي فوج ??ي فخر آهي جنهن دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ جو نه رڳو عزم ڪري رکيو آهي پر ان جي لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن شروع ڪري دهشتگر??ن کي تباهه ۽ برباد ڪيو، ملڪ جي امن ۽ سلامتي جيل اءِ بيشمار جوانن پنهنجي زندگين جا نذرانا پيش ڪيا جن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ملڪ جي بهادر فوج نه رڳو ملڪي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو آهي پر هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي قوم جي ڀرپور مدد ڪئي آهي، ماضي ۾ زلزلي ۽ برساتن ۽ تازن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪ فوج ??ون امدادي سرگرميون بي مثال آهن جنهن جي لاءِ پاڪ فوج ??ي موجوده قيادت ۽ جوان خراج تحسين جا مستحق آهن، جهڙي طرح پوري قوم ملڪي دفاع جي لاءِ هٿيار??ند فوج ??ان گڏ آهي اهڙي طرح پاڪ فوج پنهنجي هم وطنن جي سدائين هر مشڪل وقت ۾ ڀرپور مدد ڪئي آهي.