سيالڪوٽ – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جو مقصد مودي سرڪار پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ان جي خصوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ آرٽيڪل 370 جي غيرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پاران ڪشمير جي گهيراءُ کي ??ي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ڪشمير ۾ مودي سرڪار پاران آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي الڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کانپوءِ واديءَ ?? مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.