اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت ??عل??م ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجو??زو?? ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت حسين جون تجو??زو?? تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير ط??رق بشير چيما، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حسين ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان پڻ موجود هئا.