اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل وف?? سا گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب هن ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن بلوچستان سميت پوري ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام لاءِ سردار اختر مينگل جي تعاون ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي سندس ٿورا مڃيا.