اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف ج?? حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت ص??اف??ن جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو، وزيراعظم عمران خان جي پنهنجو گهر اسڪيم تحت ص??اف??ن کي آسان قسطن تي گهرن جي لاءِ قرض فراهم ڪيو پيو وڃي. ملتان پريس ڪلب جي نئين ??ون??يل صدر شڪيل انجم ۽ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته ملتان پريس ڪلب جي نئين ??ون??يل قيادت ص??اف??ن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ملتان پريس ڪلب جا ص??اف?? پنهنجي قلم ۽ مائيڪ سان ڏکڻ پنجاب جي اهم خبرن خاص طور تي زراعت جي شعبي کان پوري پاڪستان ۽ دنيا کي آگاهه رکن ٿا. هن چيو ته لاهور پريس ڪلب ۾ ص??اف??ن کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي پريس ڪلبن جي ميمبرن کي پڻ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا.