اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بنگل??دي?? سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳاله?? هن پاڪستان ۾ مقرر بنگل??دي?? جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگل??دي?? جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پاڪستاني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بنگل??دي?? سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت ج?? بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان بنگل??دي?? سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بنگل??دي?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگل??دي?? جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.