اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ڏي?? قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لا??ِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??ڏي?? قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لا??ِ امداد جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح رهي ته ??ڏي?? قومن افغانستان لا??ِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لا??ِ انساني بحران روڪڻ لا??ِ سڀ کان ??ڏي اپيل آهي، ??ڏي?? قومن پاران ??ڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ??اهر رهندڙن لا??ِ گهربل آهن، افغانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.