اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت ??يب?? جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪند??، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو ان تي عمل ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت ??يب?? جي حوالي سان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عملي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رحمت اللعالمين اٿارٽي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿارٽي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي واري لائحه عمل جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئ??، ان کانسواءِ قدمن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت ??يب?? جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اٿارٽي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي سان تجويزون به ڏنيون ويون. وزيراعظم قدمن تي عملدرآمد کي تيز ڪري ??ن کي مقرر مدي ۾ لاڳو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ڊاڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.