اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قا??ري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قا??ل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا ??هن. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا ??هن. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل ??ازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.