اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب امارات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي ??يام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ??يمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي ??ناسبت سان ٿي رهيو ??هي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي ??مائش ??هي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي ا??م ترين علائقن ۾ واقع ??هي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ??چ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي ??ستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو ??هي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي ا??م ترقياتي حصيدارن ۾ شامل ??هي.