اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سن?? اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو ??هن??و. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گ??فتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪ??ڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا وا??ا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو ??هن??و.