اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توهان جي ا??ليت ڄاڻي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو پيو وڃي، انهن قدمن سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو معاشي طور تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ??رب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي استعمال ٿيا.؟