اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 63 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 368 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 65 سي??ڙو، لاهور ۾ 54 سي??ڙو، گجرانوالا 60 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 62 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 73 سي??ڙو، اسلام آباد ۾ 49 سي??ڙو، گجرات ۾ 95 سي??ڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 211; 19 جا 42 هزار 418 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 506، پنجاب ۾ 17 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 214، اسلام آباد ۾ 6 هزار 733، ??لوچستان ۾ 699، گلگت ب??تس??ان ۾ 314، آزاد ڪشمير ۾ 637 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 91 هزار 145 ٿي چڪو آهي. گگت ب??تس??ان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 380 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 40 هز??ر 120 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 45 هزار 356 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 95، بلوچستان ۾ 19 هزار 427، گلگت ب??تس??ان ۾ 4 هزار 983، اسلام آباد ۾ 54 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 82 هزار 677، پنجاب ۾ 2 لک 7 هزار 765 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 62 مريض آهن.