ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آ??ري??ا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آ??ري??ي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آ??ري??ي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀال?? تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آ??ري??ي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آ??ري??ي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آ??ري??ي حڪومت ڊينئل پرل جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آ??ري??ا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انص??ف جي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.