ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ، انهن جي لاءِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي مناس??ت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ثمينه ع??وي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نم??يا?? اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته ع??رتن کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ??اح??ل کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.