اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايندڙ مند ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، سيد فخر امام، ڊاڪٽر عب??ال??فيظ شي??، ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، عب??ال??زاق دائود، اسد عمر ۽ مخدوم خسرو بختيار تي ٻڌل ڪميٽي ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺڻ سان گڏ??گڏ ڀاڻ خاص طور تي ڊي اي پي تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ تجويزون به تيار ڪندي، اي سي سي برآمدي شعبي (اڳوڻي زيرو ريٽيڊ شعبن) لاٰءِ بجلي، آر ايل اين جي ۽ گئس جي رعايت لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عب??ال??فيظ شي?? جي صدات ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو.