اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏ??ا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن ما?? سنڌ ۾ 10 هزار 940، پنجاب ۾ 12 هزار 184، خيبر??خت??نخوا ۾ 4 هزار 53، اسلام آباد ۾ 4 هزار 678، بلوچستان ۾ هڪ هزار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 ما?? صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 97 هزار 497 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 825 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 806 آهي، جنهن ما?? آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 731، بلوچستان ۾ 15 هزار 281، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 787، اسلام آباد ۾ 16 هزار 611، خيبر??خت??نخوا ۾ 37 هزار 811، پنجاب ۾ 99 هزار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 484 آهي.