اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستيا?? موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري ره??ا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.