اسلام آب??د ?? 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا ??ان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ ت??ميرات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت ط??قي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت ط??قي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.