لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ ا??سا?? ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص مع??ون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص مع??ون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته ا??سا?? ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي ا??سا?? ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب ا??سا?? ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو ل??ڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان ا??سا?? ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ا??سا?? ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو ل??ڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.