اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خ??اف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پ??چي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ??ه جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پ??چي سگهي ٿو. هن چيو ??ه جون جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پ??چي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏه?? اها ئي صورتحال رهي ??ه جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ??ه جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پ??چي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقين?? اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خ??اف ورزيون ڪندڙن ??ي خ??اف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن ??ي خ??اف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.