اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائ?? جو سبب وقت سر حڪومتي قدم آهن، وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي سڄي صورتحال جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرم?? جو تازو فيصلو سمورين وفاقي ڌرين جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي، ع??ام تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها ان حوالي سان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، اسان جون ڪوششون ڪورونا ڪيسن جي غيرمعمولي اضافي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن ڪوويڊ 19 وڊيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.