اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گردواره ڪرتارپور ?? سک مذهب جي ڏهين گرو گوبند سنگهه جي جنم ڏينهن جي مرڪزي تقريب جو شاندار انعقاد ڀارتي پروپيگنڊا جي نفي آهي، س??ين سک ياترين جي شرڪت پاڪستان جي پرامن ۽ روشن چهري جي آئيندار آهي، جتي اقليتون آزادي سان مذهبي رسمون ادا ڪري سگهن ٿيون.